اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير مح??ن نقويءَ سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سعودي عرب جي شاهي خاندان ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير سعودي سفير سان مُلاقات ۾ سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي سفير کي مبارڪون ڏنيون. وفاقي وزير مشڪل جي هر گهڙي ۾ ڀرپور سهڪار تي سعودي عرب جي حڪومت ?? سفير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سعودي عرب هر آزمائش ۾ پاڪستان جو پورو ساٿ ڏنو آهي، ٻوڏ هجي يا زلزلو، معاشي ڏکيائيون يا ڪو ٻيو معاملو سعودي عرب جي ڀرپور سهڪار جو مثال نٿو ملي. مح??ن نقوي چيو ته سعودي عرب سان هر مس??مان کي خاص عقيدت آهي. هن چيو ته سعودي عرب مشڪلاتن ۾ پاڪستان سان ڀرپور ساٿ نڀايو آهي، هر پاڪستاني کي سعودي عرب سان تاريخي دوستي تي فخر آهي، سعودي سفير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏ??ون ٿا، پاڪستان اسان جو برادر ملڪ آهي.