اسلام آباد ?? 07 ??? آڪٽوبر (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (افغانستان ۽ اوڀر ايشيا) سفير احمد نسيم وڙائچ افغانستان بابت ماسڪو فارميٽ ڪنسلٽيشنز جي ڇهين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اها ڳا??هه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ماسڪو فارميٽ جي ملڪن گڏيل بيان ۾ افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگرد ۽ عليحدگي پسند گروپن پاران عالمي ۽ علائقائي استحڪام کي لاحق خطرن جو ذڪر ڪيو. هن ان ضرورت تي ??ور ڏنو ته افغانستان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جامع قدم کڻي ۽ پنهنجي سر??مين کي پاڙيسري ملڪن ۽ وسيع خطي جي خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي.