اسلام آباد _ 10 آڪٽوبر (اي پي پي )وا??ار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته پاڪستاني ڪمپنين جي صلاحيت وڌائي روا??گي وا??ار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وا??ار جي ڳ??ڻي??ي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستان سعودي ويزن 2030ع کي مڪمل ڪرڻ لاءِ افرادي سگهه ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ پاڪ – سعودي بزنس فورم 2024ع جي افتتاحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو . وا??ار واري وفاقي وزير سعودي عرب کان آيل ڪاروباري ماڻهن، ڪمپنين ۽ ٻين سعودي اختيارين جو شڪريه ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل ثق????ت ۽ قدر رکن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط وا??اري شراڪت داري قائم آهي . ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان چانورن، گوشت ، چمڙي ، دالين ، ميون ۽ ٻي مصنوعات وڏي مقدار ۾ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ڪندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت وا??ار واري وزارت ٻه طرفي وا??ار کي وڌائڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. وا??ار واري وزير چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سعودي عرب ک?? خدمتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿو. ان کان علاوه فارماسيوٽيڪل ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبي مان پڻ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو. ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان فيبروري 2025ع ۾ سعودي عرب ۾ سنگل ڪنٽري ايگزيبيشن منعقد ڪرڻ وارو آهي جنهن ۾ سعودي سيڙپڪارن ۽ عوا?? کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جو موقعو ملندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وا??ار ۾ اضافي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.