اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ ڀارت جي نگراني ۾ ٿيندڙ کل جوڳي چونڊن جي پهرين مرحلي جي عالمي قانون جي نظر ۾ ڪا قانوني اهميت نه آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پر??س بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائون??ل لاڳاپيل قراردادن ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪ??مي?? جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار گڏيل قومن جي نگراني ه??ٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته ڪو ٻيو عمل ڪ??مي??ين جي خودمختياري واري حق ڏيڻ جو متبادل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ 14 سياسي پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪيترائي سياسي اڳواڻ نظربند آهن، ان لاءِ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ اهڙي چونڊ مشق صحيح نه آهي.