اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آ??ي، ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح هڪ عظيم اڳواڻ ۽ ذهين انسان هو، پاڪستان جو ٺهڻ سندس اڻٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم وفات تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري الڳ ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي پاڪستان جو وجود کي عملي جامو پهرايو. پاڪستان جو قيام قائداعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ ڪوششن جو نتيجو آ??ي، پوري قوم پاڪستان جي با??ي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ سدائين سندس احسانمند رهندي، باباءِ قوم جي دورانديشي ۽ سياسي ڏاهپ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جهڙا رهنما اصول ڏنا. هن چيو ته اڄ اسان کي جن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آ??ي، انهن تي ضابطو آڻڻ جو واحد رستو قانون ۽ آئين تي عملدرآم?? ڪرڻ سان آهي. اسان کي پاڪستان جي با??ي جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ هر قسم جي اختلافن کان مٿانهون ٿي امن، ترقي ۽ جمهوري روين کي پروان چاڙهڻ گهرجي. سيد يوسف رضا گيلاني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي قائداعظم جي نقش قدم تي هلندي وطن عزيز جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.