اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جو سيڪريٽر?? جنرل آرسينيو انتونيو منگويز ويلاسڪو پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ پاڪستان جي قيادت ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. پر??س بريفنگ ۾ هن چيو ت?? آءِ ايم او جي سيڪريٽر?? جنرل ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل رات پاڪستان پهتو آهي. ترجمان چيو ت?? آءِ ايم او جي ڪنهن سيڪريٽر?? جنرل جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي. هن چيو ته انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن جي سيڪريٽر?? جنرل اسلام آباد ۾ ”انٽرنيشنل ميري ٽائيم بزنس اينڊ فنانس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪري رهيو آه?? جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪانفرنس ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.