اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ دوست ملڪن سا?? واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ايوان ص??ر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ويتنام، مالديپ ۽ آئرلينڊ جي سف??رن سا?? ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان ص??ر ۾ کيس سفارتي سندون پيش ڪيون. سف??رن ص??ر سا?? جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. صدر سف??رن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سا?? ٻطرفو واپاري ماپو وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. آصف علي زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سف??ر پاڪستان سا?? گڏيل فائديمند تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، سيڙپڪارن کي زراعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، مينوفيڪچرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سف??رن کي ايوان ص??ر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.