اسلام آباد -04 آ??سٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 5 آ??سٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا، قومي ??سيمبلي مان گڏيل ٺهراءُ منظور ڪرايو ويندو، ڪشمير جي مختلف حصن ۾ سيمينارز، ڪانفرنسون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. هن ڏينهن دنيا آڏو ڀارت جي مڪروهه چهري کي بي نقاب ڪيو ويندو ۽ 5 آ??سٽ 2019ع کان انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويندو، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرقانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام تي زور ڀريو آهي، ته هو 5 آ??سٽ يوم استحصال ڪشمير کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين، 5 آ??سٽ 2019ع تي هندو پرست ڀارتي حڪومت عالمي ??ور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقي کي خاص حيثيت ڏياريندڙ آرٽيڪل 370 کي رد ڪندي ڪشمير جو ف??ج ۽ پوليس کان وحشياڻو ??هيراءُ ڪرايو، اي پي ايڇ سي جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرحيد منهاس هڪ بيان ۾ اپيل ڪئي ته عوام، واپاري، ٽرانسپورٽرز، وڪيل، عالم سڳورا، ملازم ۽ ڪشميري سڄي دنيا ۾ 5 آ??سٽ کي ”يوم استحصال ڪشمير“ طور ملهائين. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ڄمون ڪشمير جي عوام 5 آ??سٽ 2019ع تي کنيل قدمن کي واپس وٺي، گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشمير تڪرار جي حل، سمورن سياسي نظربندن جي آزادي ۽ غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي خلاف ورزين جي خاتمي ??و مطالبو ڪيون ٿا. حريت ڪانفرنس انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي آهي، ته هو زميني صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجون ٽيمون ڪشمير موڪلين ۽ ڪشمير ۾ قتل، گم ٿيل ماڻهن، پئليٽ ۽ گولي لڳڻ سبب زخمين، گرفتار ڪيل ماڻهن ۽ ذهني صحت تي پوندڙ اثرن جو آزاد جائزو وٺن. ترجمان چيو ته آر ايس ايس جي حمايت رکندڙ هندو پرست حڪومت 5 آ??سٽ 2019ع کان هاڻي تائين هزارين ڪشميرين کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته نئين دهلي ۾ ڪشمير جي خاص حيثيت کي رد ڪيو ويو ۽ علائقي جو ف??جي گهيراءُ ڪيو ويو. اي پي ايڇ سي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ گرفتاري جي موجوده مهم آزادي جي آواز کي خام??ش ڪرڻ جي انتقامي پاليسي آهي. ڀارت ڪشميرين کي انهن جي آزادي جي پختي عزم جي سزا ڏيڻ لاءِ ڏاڍ جي سمورن طريقن تي عمل پيرا آهي ۽ پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ غيرقانوني سرگرميون (روڪٿام) ايڪٽ جهڙا سخت قانون ڪشميرين کي مجبور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.