اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينيئر آفي??ر، پرنسپل انفارميشن آفيسر/ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ج??رل پي آ??ِ ڊي اسلام آباد مبشر حسن جي والد غلام صابر مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ ??ي آ??ِ ڊي ميڊيا سينٽر ۾ دعائيه تقريب منعقد ٿي. تقريب ۾ اطلاعات واري وزارت جي مختلف کاتن سان تعلق رکندڙ سينيئر آفيسرن، عملي جي ميمبرن، صحافين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ج??يل جي دعا ڪئي. واضح رهي ته پي آءِ او مبشر حسن جو والد غلام صابر مرحوم ڇنڇر ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو هو.