اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ۾ پاڪستاني سفير کي هدايت ڪئي آهي ته هو عماني عملدارن ۽ مسقط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وط?? واپسي جو بندوبست ڪيو وڃي. پرڏيهي وزارت پاران مسقط، عمان ۾ دهشتگرد حملي جي تازه ترين صورتحال جي حوالي سان جاري تفصيل موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار عمان ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طالب تي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزير محرم جي مقدس مهيني ۾ دهشتگرد حملي ۽ مسلمانن جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي. نائب وزيراعظم ??مان ۾ پاڪستان جي سفير عمران علي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي آهي. سفير عمران علي نائب وزيراعظم کي مسقط ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طالب تي گذريل رات جي حملي بابت بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير سفير کي هدايت ڪئي ته هو عماني عمدارن ۽ مسقط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وط?? واپسي جو بندوبست ڪري. هن هدايت ڪئي ته عمان جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ زخمين جي ??لا??ي جو پڻ خيال رکيو وڃي.