اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (??يس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ڪندو، آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس کان اڳ هڪ وزارتي اجلاس ۽ اعليٰ عملدارن جي ميٽنگز جا ڪيترائي دور ٿيندا جنهن ۾ ??يس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مالي، اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ انساني تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته 2024ع پاڪستان ۽ ??يس سي او لاڳاپن جي هڪ اهم سنگ ميل آهي ڇو ته پاڪستان وٽ ??يس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي گردشي چيئرمين شپ آهي، جيڪو ??يس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز فورم آهي. ان حيثيت ۾ پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ڪندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ??يس سي او پلس سمٽ کي خطاب ڪندو، وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن ت?? پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آستا??ه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ??يس سي او پلس جي ٻن سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان ۾ آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ آهن. ترجمان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن ت?? پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ تعاون کي اهميت ڏي ٿو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن آذربائيجان جي صدر الهام حيدر عليوف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان گڏ آستا??ه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي اڳ ۾ پاڪستان – آذربائيجان – ترڪيه ٽه ڌ??يي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته ٽنهي اڳواڻن واپار، توانائي، سياحت، ثقافت، تعليم، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ ماحولياتي تعاون جهڙن شعبن تي ڌيان ڏيندي ٽه ڌ??يي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته هي سربراهي اجلاس پرڏيهي وزيرن، پارليامينٽ جي اسپيڪرن ۽ دفاعي عملدارن جي سطح تي ٽه ڌ??يي مشاورت کانپوءِ ٿيندو آهي.