اسلا?? آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالله کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري پڻ ايراني عوام کي مبارڪباد ڏني. پنهنجي ايراني هم منصب سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ايران ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي سان خطي جي ترقي ۽ استحڪام ۾ مدد ملند??، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر ٿيندڙ لاڳاپن جي آجيان ڪري ٿو.