اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس واضح ڪيو آهي ته افغانستان بابت پرڏيهي وزارت ۾ هڪ مڪمل ڊويزن قائم آهي جنهن جي سربراهي افغانستان ۽ اولهه ايشيا بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا شاهه ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس گذريل ڏينهن جي پريس بريفنگ جي حوالي سان چيو آهي ته افغانستان بابت ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ قائم ڊويزن پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ جذبي سان ادا ڪري رهي آهي ۽ اها اڳتي به پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران بريفنگ دوران سوال ڪيو ويو هو ته گذريل هفتي وزيراعظم جي خاص معاون م??مد صادق جي عهدي تان م??تعيفي ٿ??ڻ کانپوءِ ان جي غيرموجودگي ۾ افغانستان جي معاملن کي ??اڪستان ۾ اعليٰ سطح تي ڪير ڏسي رهيو آهي.