اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي هڪ لک 85 هزار مس??حق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو آهي، مس??حق خاندان اٽي جو تحفو (سڀاڻي) ڇنڇر کان حاصل ڪري سگهندا، مس??حق ماڻهو مفت اٽو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي 40 پوائنٽس تان حاصل ڪري سگهندا، مس??حق ماڻهن جي ڊيٽا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍيل هوندي، انتظ??ر جي زحمت کان بچڻ جي لاءِ مس??حق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي اٽو حاصل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مس??لن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جي دور ۾ حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته اٽي جي فراهمي جي وقت عوام کي ڊگهي قط??ر جي زحمت کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي عوام کي ريليف جي فراهمي جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رمضان دوران وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي هڪ لک 85 هزار مس??حق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو ويندو، اهي خاندان جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان رجسٽرڊ آهن ۽ جنهن جو پاورٽي اسڪور (پي ايم ٽي) 60 يا ان کان گهٽ آهي اهي 18 مارچ 2023ع کان ان س??ولت مان فائدو کڻي سگهندا، رجسٽرڊ خاندان هڪ مهيني دوران 30 ڪلو اٽو حاصل ڪري سگهندو، مس??حق ماڻهو مفت اٽو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي 40 پوائنٽس تان حاصل ڪري سگهندا، مس??حق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي اٽو حاصل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت جي لاءِ ٽال فري نمبر 05590 – 0800 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر طارق فضل چوڌري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.