اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي انڊونيش??ا جي صدر ۽ ??وا?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني سيڙپڪار جي معاملي تي جلد اڳڀرائي جي لاءِ انڊونيش??ا جي صدر کي ذاتي ڌيان جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي انڊونيش??ا جي صدر جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا ويجها دوست، اسلامي تعاون تنظيم جي ڏس ۾ ٻطرفا حصيدار آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن معاشي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ، واپارين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ??هن. صدر انڊونيش??ا جي صدر کي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني سيڙپڪار ملڪ محمد آصف کي ڪاروباري معاملن ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ تي مدد فراهم ڪرڻ جو چيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ محمد آصف انڊونيش??ا جي عملدارن کي پاڪستاني سفارتخاني جي ذريعي پنهنجون شڪايتون جمع ڪرائي چڪو آهي جڏهن ته معاملو اڃا حل طلب آهي. ان کان اڳ ملڪ محمد آصف صدر کي انڊونيش??ا جي صدر جو ڌيان ڇڪرائڻ ۽ منصفاڻي بنيادن تي معاملو حل ڪرائڻ جي لاءِ درخواست ڪئي هئي.