اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف گلگت بلتستان جا مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي خا??ري ڪرائيندي چيو آهي ته علائقي جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي انتظامي ۽ ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم گلگت بلتستان جا حل طلب م??ئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي خا??ري ڪرائي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ جي ح??ال?? سان وفاقي حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.