اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 9 اپريل آچر ڏينهن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ا??يڪ??ن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن (1) 57 تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو. صدر چي?? ا??يڪ??ن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ چي?? آهي ته ا??يڪ??ن ڪميشن ايڪٽ جي سيڪشن (2) 57 تحت ا??يڪ??ن جو پروگرام جاري ڪيو وڃي. صدر چي?? ته هن آئين تحت آئين جي تحفظ ۽ دفاع جو حلف کنيو آهي جيئن ته ڪنهن به عدالتي فورم پاران ڪو منع نامو نه آهي تنهن ڪري سيڪشن (1) 57 تحت صدر جي اختيار جي استعمال ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي. هن چي?? ته آئين ۽ قانون 90 ڏينهن کان وڌيڪ جي دير جي اجازت نٿو ڏي، ان لاءِ آئين جي خلاف ورزي کان بچڻ جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو پنهنجو آئيني ۽ قانوني فرض ادا ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. صدر چي?? ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا گورنرز صوبائي اسيمبلين جي تحليل کانپوءِ 90 ڏين??ن جي اندر چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري ادا نه ڪري رهيا آهن. ا??يڪ??ن ڪميشن آف پاڪستان به پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اسيمبلين جون چونڊون ڪرائڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري پوريون نه ڪري رهيو آهي، ان طرز عمل سان دير ۽ آئيني شقن جي خلاف ورزين جو سنگين خطرو پي??ا ٿي رهيو آهي. صدر چي?? ته ا??يڪ??ن ڪميشن اڳ ۾ ئي آئيني عهديدارن جا نالا پنهنجي مختلف خطن ۾ چونڊن جي امڪاني تاريخن جو اشارو ڏئي چڪو آهي، انهن خطن ۾ 90 ڏين??ن جي اندر چونڊون ڪرائڻ جي ا??يڪ??ن ڪميشن جي ذميواري ظاهر ٿئي ٿي. هن چي?? ته اسيمبلين جي عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان لاءِ ا??يڪ??ن ڪميشن سان مشاورت ج?? سنجيده عمل شروع ڪيو پر ا??يڪ??ن ڪميشن ان موضوع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. ان لاءِ صدر جي طور سيڪشن (1) 57 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي لاءِ 9 اپريل 2023ع آچر جي تاريخ جو اعلان ڪري رهيو آهيان.