اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي امدادي سامان کڻي خصوصي جهاز اڄ رات 10 وڳي ترڪيه روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سي 130 ج??از چڪلالا ايئربيس تان آرمي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم کڻي سڌو ترڪيه جي زلزلي کان م??اثر علائقن ۾ پهچندو. 7 فيبروري جي صبح پي آءِ اي جي اڏام تان 50 ماڻهو ۽ 15 ٽن سامان ترڪيه روانو ٿيندو. ٽيم ۾ ريسڪيو 1122 جا اهلڪار به شامل آهن. 7 فيبروري تي لاهور کان سي 130 ج??از 7 ٽن امدادي سامان کڻي استنبول روانو ٿيندو. امدادي سامان ۾ سرديءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ??يما، ڪمبل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون شامل آهن. 8 فيبروري تي پي آءِ اي جي ا??ام?? جي ذريعي اسلام آباد ۽ لاهور مان 15 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام موڪليو ويندو. صحت واري وزارت ۽ آرمي ميڊيڪل ٽيمون ترڪيه ۽ شام موڪليون وينديون.