اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملائيشيا جي نئين وزيراعظم ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي??. ٻ??هي وزيراعظمن ??اڪ??تان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ڀائراڻن ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪي??. ٻ??هي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا سان اقتصادي، واپاري رابطن ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي لاء?? ملائيشيا سان گهڻ رُخي بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪي??. ٻ??هي اڳواڻن ??اڪ??تان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن ۽ مضبوط معاشي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو عزم ڪي??. ٻ??هي اڳواڻن ??اڪ??تان ۾ ماحولياتي تبديلين جي بدترين اثرن، ٻوڏ جي صورتحال ۽ 8 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ??اڪ??تان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جتي عالمي برادري ??اڪ??تان جي ريڪوري ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ گڏ ٿيندي.