مونٽريال- 07 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش خبردار ڪيو ??هي ته ڪاروباري منافعي لاءِ ماحوليات سان کيڏڻ تباهه ڪُن آهي. فرانسيسي خابرو اداري مطابق مونٽريال ۾ حياتياتي موضوع تي مذاڪري کان اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري جنرل چيو ??ه اسان جي بي قابو ۽ غير مساوي معاشي ترقيءَ جي بُک انسانيت کي ڌُٻڻ جي دروازي تي آڻي بيهاريو ??هي. هن انهن وڏن ڪ??روبار ادارن کي تنقيد جو نشانو بنايو ??يڪي پنهنجي منافعي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، جن سان ڪ??ئنات جو توازن بگڙي رهيو ??هي. هن وقت جانورن جا 10 لک قسم ختم ٿيڻ جي خطري ۾ ورتل آهن، هڪ ڀاڱي ٽي حصو زمين جو معيار خراب ٿيو ??هي ۽ تيزيءَ سان زرخيزي ??ڃا??ي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ??ه اسان نيچر کي هڪ ٽوائليٽ طور استعمال ڪري رهيا آهيون. ڪيميڪلز، پلاسٽڪ ۽ فضائي گدلاڻ انسانيت کي شديد خطرن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ??هي. واضح رهي ته 7 کان 19 ڊسمبر تائين ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ 200 جي لڳ ڀڳ ملڪن جا نمائندا گڏ ٿيا آهن ۽ ماحولياتي بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ادا ڪري رهيا آهن. پرتگال جي اڳوڻي وزيراعظم انتونيو گوتريش 2017ع ۾ گڏيل قومن جو عهدو سنڀالڻ کان وٺي هن وقت تائين موسمياتي تبديليءَ جي ماحول جي تحفظ تي تمام گهڻو زور ڏيندو رهيو ??هي.