اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي سطح تي هڪ ٺوس، موثر ۽ معياري ذهني ۽ نفسيات?? صحت جي هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ذهن?? صحت ۽ ڀلائي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي هڪ ٺوس ۽ هڪ جهڙو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي حصيداري ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ذهني ۽ نفسيات?? صحت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت جي عالمي اداري، نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس، پاڪستان سائيڪولوجيڪل ايسوسيئيشن، پاڪستان سائيڪاٽرڪ سوسائٽي سميت ٻين تنظيمن جي نمائندن کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته دماغ?? صحت ۽ تندرستي بابت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ۽ نجي شعبي ۾ قدم کنيا ويا آهن، سمورن وسيلن ۽ قدمن کي هڪ قومي هيلپ لائين ٺاهڻ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته دماغ?? صحت فراهم ڪندڙ ادارن ۽ پروفيشنلز جي ڊيٽابيس ٺاهي وڃي، پاڪستانين جي ذهني ۽ نفسيات?? صحت تي سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ حصيداري جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پهرين قومي ذهن?? صحت جي هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ شروع ڪرڻ جي لاءِ 45 ملين رپين جي مالي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ نوان رستا ڳوليا وڃن، هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ فعال ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طور تي ٺوس آگاهي مهم هل??ئڻ گهرجي. صدر قومي ذهن?? صحت جي هيلپ لائين جو م??ڊل تيار ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. هن چيو ته ايڇ اي سي، يونيورسٽين ۽ تدريسي اسپتالن کي دماغ?? صحت جي تعليم ۾ داخلا جي حوصلا افزائي جي لاءِ اضافي سيٽون پيدا ڪرڻ گهرجن ته جيئن معاشري ۾ ذهن?? صحت جي وڌندڙ مسئلن جي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نفسياتي ماهرن ۽ سائيڪاٽرسٽ تيار ڪري سگهجن. هن چيو ته نيشنل هيلپ لائين جي انتظاميا آخري سال جي شاگردن کي نفسياتي شعبن ۾ ڇهن مهينن جي انٽرنشپ جي لاءِ شامل ڪرڻ تي پڻ غور ڪري سگهي ٿي ته جيئن هيلپ لائين جو استعمال ڪندڙ مريضن کي مشاورت فراهم ڪري سگهجي. صدر گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ خودڪشي جي بلند شرح جو نوٽيس وٺندي چيو ته ايتري ??ڌيڪ شرح جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ هڪ جامع مطالعو ڪرڻ ۽ ان رجحان کي روڪڻ جي لاءِ اڳ ۾ مشاورت ۽ تدارڪ جو نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان رجحان جو مڪمل طور تي خاتمو ڪري سگهجي. ان موقعي ت?? صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاليٿا گناراٿنا مهيپالا وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي بنيادي، ثانوي ۽ اعليٰ صحت جي ادارن کي ٺوس نظام جو حصو بڻ??ئڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته صحت جو عالمي ادارو منصوبي کي شروع ڪرڻ جي لاءِ 50 لک رپين جي شروعاتي رقم فراهم ڪندو. صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته معاشري ۾ ذهن?? صحت جي بهتري ??اءِ هڪ پائيدار پروگرام قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن قومي سطح جي ذهن?? صحت جي هيلپ لائين جو م??ڊل تيار ڪرڻ ۾ صدر جي رهنمائي ۽ ڪميٽي جي ڪوششن تي ٿورا مڃيا.