اسلام آباد– 09 – ن??مب?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 9 ۽ 10 ن??مب?? تي سعودي عرب جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. دوري دوران پرڏيهي وزير پنهنجي سعودي هم منصب س??ن سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل (ايس پي ايس سي ??ي) جي سياسي ۽ سلامتي بابت گڏيل ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران جي سي ??ي جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪندو. سرڪاري مصروفيتن کانسواءِ پرڏيهي وزير مقامي ميڊيا ۽ ملڪ جي ٻين معززين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي وزير جي دوري سان سعودي عرب س??ن پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ گڏيل مفاد ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ملندو.