??سل??م آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تحريڪ انصاف جي ??يئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ??ا جڳهه نه هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ ??عاڳو آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن وفاقي گهرو وزير کان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين زخمين جي صحتيابي لاءِ ??عاڳو آهي?? وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کي سيڪيورٽي ۽ جاچ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ??ا جڳهه نه هجڻ گهرجي.