ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري وچ لوڪا شينڪو ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳ??اڻ?? جي وچ ۾ ملاقات ?? ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خواجه محمد آصف ۽ مفتاح ??سم??عيل پڻ موجود هئا.