راولپنڊي – 30 آگسٽ ( اي پي پي) پاڪ فو?? جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سوات پهچي ويو، آرمي چيف اتي ڦاٿل سي??حن، مقامي ماڻهن سان ملاقات ڪندو، جيڪي ڪمراٽ ۽ ڪالام ۾ شديد برساتن ۽ اوچتو آيل ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. آءِ ايس پي آر مطابق ٻوڏ متاثر عورتن، ٻارڙن، پرڏيهين ۽ ٻين متاثرن کي پاڪ فوج جي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽرن ذريعي ڪانجو ڪينٽ سوات منتقل ڪيو پيو وڃي. انهن متاثرن کي ضرور?? ا??تظامي ۽ طبي امداد جي فراهمي بعد کين اباڻن علائقن ڏانهن اماڻڻ ۾ مدد ڪئي پئي وڃي.