سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ريليف ڪئمپ ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي ع??لد??رن وزيراعظم کي متاث??ين جي بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني. سکر ۾ بريفنگ دوران وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري شهرن جو ??اب??و ڪٽجي ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاث??ين جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي، ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري مواصلاتي ??اب??و ڪٽجي ويو آهي، شهر ۽ ڳوٺن جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، ٻوڏ سبب لائيو اسٽاڪ ۽ فصلن کي پڻ نقصان پهتو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 43 فلڊ ريليف ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، فلڊ ريليف ڪئمپن ۾ متاث??ين کي دوائون ۽ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاث??ين سان ملاقات پڻ ڪ??ي.