اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر پاڪستان جي 75هين ڊائمنڊ جوبلي يوم آزادي جي موقعي تي سڀني پاڪستانين نالي پنهنجي خط ۾ چيو آهي، ته دنيا جي ٻين ملڪن جي سفارتڪارن وانگر منهنجي به پاڪستان ۾ م??رري ٿي، مان ڏٺو ??ه پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي، 14 آگسٽ تي پاڪستان جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيا آهن. ۽ پاڪ برطانيه سفارتي لاڳاپن کي به ايترو ئي عرصو ٿيو آهي. هن چيو ??ه پاڪستان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ۾ خدمتن جي فراهمي هڪ اعزاز آهي. هن چيو ته ان موقعي تي پنهنجي خط ۾ اهو تسليم ڪيان ٿو ??ه پاڪستان ۾ م??ن سميت پرڏيهين سان بهترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي اجنبي هئڻ جو احساس نه پيو ٿئي. پنهنجي خط ۾ هن پاڪ برطانيه ڊگهي سفارتي، اقتصادي ۽ عوامي لاڳاپن جا تفصيل به پيش ڪيا. پنهنجي خط جي آخر ۾ ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر لکيو ??ه پاڪست??ن ۽ برطانيه گڏ آهن. ”اسان گڏ 75هين سالگره تي تمام گهڻي مبارڪباد ڏيون ٿا.“