اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جهڙي طرح پي ??ي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽرولز ف??ج جي خلاف نفرت پکيڙيندڙ ٽرينڊز هلايا، ڇا شهيدن جا خاندان اهو وساري سگهندا؟ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گذريل چئن مهينن ۾ پوري قوم ڏٺو ته عمران نيازي پاڪ فوج جي قيادت جي خلاف ڪهڙي طرح جا لقب استعمال ڪيا، انهن جي سوشل ميڊيا ٽرولز ف??ج جي خلاف نفرت سان ڀرپور ??رينڊز هلايا. هن چيو ته ڇا شهيدن جا خاندان اهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندا؟ نيازي پاڻ کي بيوقوف بڻائي سگهي ٿو، قوم کي نه.