ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر م??مد سُهيل راجپوت ڪشمير ا??تح??ال ڏهاڙي جي حوالي سان چيو آهي ته ڏاڍ ۽ سختين سان ڪشميري ڀائرن جو رستو نه ٿو روڪي سگهجي، ڀارت ڪشمير ج?? خصوصي حيثيت کي فوري بحال ڪري، مودي سرڪار پاران و??لا??يل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته مودي سرڪار ج?? قدمن ۽ پاليسين سان خطي ۾ امن کي سخت خطرا آهن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير ا??تح??ال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ خصوصي پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن.