اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گوادر جي ماڻهن کي ??نيادي سهولتن جي فراهمي تائين سک سان ويهنداسين، گهريلو صارفين کي ??ولر پينلز جي فراهمي وفاقي حڪومت جو گوادر جي ماڻهن کي ??حفو هوندو، ان حوالي سان 10 ڏينهن اندر لائحه عمل شروع ڪيو وڃي، منصوبن جي پڄاڻي ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ??دارت هيٺ بلوچستان ۾ بجلي جي ٽرانسميشن لائين تي اڳڀرائي جي ??ائزي اجلاس کي ??طاب ڪ??دي ڪئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، ايف ڊبليو او جو ڊي جي ميجر جنرل ڪمال اظفر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جيواڻي، گوادر، پسني، اورماڙا، ??نج??ور ۽ ايران جي وچ ۾ بجلي جي ٽرانسميشن لائيز جي ??عمير تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسميشن لائينز جي ??والي سان ننڍي مدي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن کي ??اري ڪيو پيو وڃي، 6 مهينن اندر گوادر کي ??يران کان وڌيڪ سئو ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري سگهندي، ان سان بجلي جي مجموعي فراهمي 260 ميگاواٽ جڏهن ته کپت 236 ميگاواٽ هوندي، وڌيڪ اهو ته خضدار، ??نج??ور ٽرانسميشن لائيز جي ڊسمبر 2022ع ۾ پڄاڻي کانپوءِ 90 ميگاواٽ جو سسٽم ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ان منصوبي تي به ڪم تيزي سان جاري آهي، ان کانسواءِ حب، اورماڙا ٽرانسميشن لائيز جي فزيبلٽي تياري جي مرحلن ۾ آهي، ان ٽرانسميشن لائين جي پڄاڻي کانپوءِ وڌيڪ 200 ميگاواٽ سسٽم کي فراهم ڪئي ويندي، ان موقعي تي وزيراعظم منصوبن ۾ شفافيت آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم چيو ته گهريلو صارفين کي ??ولر پينلز جي فراهمي وفاقي حڪومت جو گوادر جي ماڻهن کي ??حفو هوندو، ان حوالي سان 10 ڏينهن اندر لائحه عمل پيش ڪيو وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته گوادر ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ فوري طور تي آف گرڊ نظام جو به جامع لائحه عمل جوڙيو وڃي. گوادر ۾ آف شور ۽ آف شور ونڊ پاور منصوبن لاءِ به هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي، ڏکڻ بلوچستان ۾ ٽرانسميشن لائيز جي ڪم ۾ تيزي آڻي ان کي هلندڙ سال ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو وڃي، وزيراعظم چيو ته منصوبن جي پڄاڻي ۾ دير قبول نه آهي، لاڳاپيل کاتا يقيني بڻائين ته ڊگهي مدي وارن منصوبن ۾ وقت ۽ لاڳت ۾ جيترو ٿي سگهي ٿي گهٽتائي آندي وڃي، حڪومت جي ??ميداري هوندي آهي ته هو عوام جي پئسي جي ??چت ڪري ۽ ان جو صحيح استعمال يقيني بڻائي. گوادر بندرگاهه کي ??نيا جي ??ديد ترين بندرگاهه بڻائڻ لاءِ بنا دير جي ??جلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، گوادر جي ماڻهن کي ??نيادي سهولتن جي فراهمي تائين سک سان نه ويهنداسين.