اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر ونڊي گلمر اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر مملڪتي وزير کي عهدو سنڀالڻ ت?? مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ ٻطرفي ل??ڳاپن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مملڪتي وزير حنا رباني کر ٻطرفي ل??ڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪينيڊين ڪمپنيز کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ت?? زو?? ڏنو، مملڪتي وزير پاڪستان جي شاگردن لاءِ ڪينيڊين ويزا جاري ڪرڻ ۾ سهولت تي به زو?? ڏنو.