اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي ناظم الامور اينجلا ايگلر الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ??ظهار ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير پاڪستان کي 64 مل??ن ڪوويڊ ويڪسين جي خوراڪ فراهم ڪرڻ جي ورجاءُ تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا. هن ??خصت ٿيندڙ آمريڪي ناظم الامور اينجلا ايگلر کي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي ناظم الامور جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو.