اس??ام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ا??م اي) اس??ام آباد ۾ سانوڻي جي قومي سطح تي تياري بابت ڪانفرنس منعقد ڪئي. ڪانفرنس جو مقصد ماحولياتي تبديلين ۽ تازي گرمي جي سخت لهر کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ ٻين سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي تياري جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ سمورن ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون کي بهتر بڻائڻ هو. ڪانفرنس جي صدارت اين ڊي ا??م اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ڪئي. ڪانفرنس ۾ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي اعليٰ عهديدارن سميت هٿياربند فوج، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، فيڊرل فلڊ ڪميشن، واپڊا، آبپاشي کاتي، ريلوي، اسپارڪو، ايف ڊبليو او، موسمياتي کاتي، گڏيل قومن جي ايجنسيز ۽ انساني امداد جي فلاحي ادارن/ تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اين ڊي ا??م اي پاران سال 2022ع جو ساليانو سانوڻي پلان پڻ جاري ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي اين ڊي ا??م اي جي چيئرمين ماحولياتي تبديلين جي پاڪستان تي اثرن ۽ پاڪستان جي مختلف قدرتي آفتن خاص طور تي ٻوڏ ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وق?? سر قدمن ۽ مختلف ڌرين جي تياري ۽ گڏيل رابطي کي انساني ۽ مالي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. اين ڊي ا??م اي چيئرمين اڳواٽ ۽ وق?? سر هنگامي اطلاع جي نظام، عام ماڻهن تائين معلومات جي پهچ ۽ آگاهي، معاشرتي سطح تي متحرڪ ٿيڻ ۽ ادارن جي وق?? سر ريسپانس تي زور ڏنو. اين ڊي ا??م اي چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان کي موسمياتي تبديلين ۽ انهن جي منفي اثرن کي پڻ نظر ۾ رکڻو آهي جيڪي خطي ۾ شديد گرمي جي لهر ۽ برفاني ڇپن جو پگهرجڻ اوچتو ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيا آهن. سانوڻي پلان جي حوالي سان ڳالهائيندي اين ڊي ا??م اي چيئرمين آفتن کي منهن ڏيڻ جي نظام کي وڌيڪ ??وثر ۽ فعال بڻائڻ ۽ وق?? سر الرٽ جاري ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪانفرنس ۾ شريڪ ??ختلف ادارن جي نمائندن محڪماڻي تيارين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال ۾ عوام جي جاني ۽ مالي نقصان کان بچاءُ جي لاءِ وق?? سر قدم کڻڻ جي عزم کي ورجايو.