اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان علائقائي ترقي، واپار، توانائي ۽ معيشت جي استحڪام لاءِ قطر سان ترجيح بنيادن تي حصيداري چاهي ٿو، تعليم جي شعبي ۾ 10 لک پاڪستاني ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ تي قطري حڪومت جا ٿورائتا آهيون.
اسپيڪر سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن الفيصل الثاني پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪ??ي جنهن ۾ ٻطرفي ??اڳ??پن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪ قطر سان پارلياماني رابطن ۽ دوستاڻي ??اڳ??پن کي وڌيڪ ??روغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني و??دن جي مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، قطر جي سفير چيو ته قطر پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي ??اڳ??پن کي اهميت ڏي ٿو، قطر پاڪستان سان سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، قطر 10 لک ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، هن چيو ته قطري فرمز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي جي لاءِ قطر هر ممڪن تعاون جاري رکندو، قطر ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستاني قطر جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردارا دا ڪري رهيا آهن