اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وڪيل تنظيمن جو ڪم سياسي پارٽين جو آله ڪار بڻجڻ نه آهي پنهنجي آزاداڻي حيث??ت برقرار رکڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو جواب پڙهي ايئن لڳي ٿو ته سپريم ڪورٽ بار جي باڊي ن ليگ جي سبسڊري آهي. هن چيو ته وڪيل تنظيمن جو ڪم سياسي پارٽين جو آله ڪار بڻجڻ نه آهي، پنهنجي آزاداڻي حيث??ت برقرار رکڻ آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته عا?? وڪيل وڪيل تنظيمن جي ان ڪردار کان خفا آهن ۽ لاهور بار جي چونڊن ۾ ان گروپ ??ي جيڪا شڪست ٿي اهو وڪيلن جو رد عمل آهي.