اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آرٽيڪل A-63 جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 ??حت ري??رنس فائل ڪرڻ جي فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جا ميمبر واضح طور تي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ پئسن جي بدلي وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهڙا ميمبر جيڪي پنهنجون وفاداريون معاشي مفادن جي ??ري تبديل ڪن انهن جي نااهلي تاحيات هوندي يا کين ٻيهر ??ون?? وڙهڻ جي اجازت هوندي؟ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي ويندي ته ان ري??رنس کي روزاني جي بنياد تي ٻڌو وڃي.