اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان انڊوني??يا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزير?? واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل انڊوني??يا جي پنهنجي هم منصب ريتنو مرسودي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ انڊوني??يا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پاڪستان انڊوني??يا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير عورتن جي حقن جي لاءِ موثر آواز اٿارڻ تي انڊوني??يا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ انڊوني??يا جي وچ ۾ ??وا?? جي سطح تي رابطن جي فروغ ?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان انڊوني??يا سا?? واپار، سياحت ۽ سيڙڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ انڊوني??يا جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي فراهمي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. انڊوني??يا جي پرڏيهي وزير محترمه ريتنو مرسودي شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.