اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريش?? آف پاڪستان کي لائيف انشورنس پاليسي رکندڙ مرحومن جي پونئيرن کي 1.6 ملين رپين کان وڌيڪ جي ادائيگين جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريش?? آف پاڪستان پاران وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل ڪيل چار جدا جدا پٽ??شنز کي رد ڪندي حڪم ڏنو آهي ته انشورنس لائيف پاليسي رکندڙ مرحومن جي گهرڀاتين کي مجموعي طور تي 1.6 ملين رپين جي ادائيگي ڪئي وڃي. ڪارپوريشن لائيف انشورنس پاليسي جي مد ۾ ادائيگين کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته انشورنس رکندڙ شخص پاليسي وٺڻ وقت پنهنجي بيم??ري ڄاڻي واڻي لڪائي نه ٿو سگهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکندي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريش?? آف پاڪستان کي حڪم ڏنو آهي ته اها معاهدي جي ذميوارين کي ضرور پورو ڪري ۽ پاليسي موجب ادائيگي ڪرڻ سان گڏوگڏ وفاقي محتسب کي ان حوالي سان 30 ڏينهن اندر رپورٽ پڻ جمع ڪرائي. تفصيل موجب شڪيل ظفر خان، محمد نواز، غلام ياسين ۽ تنوير حسين اسٽيٽ لائيف جي لائيف انشورنس پاليسيز ترتيبوار 7 لک، 5 لک، 2 لک 10 هزار ۽ 2 لک رپين ۾ حاصل ڪيون هيون. بعد ۾ پاليسي هولڊرز لاڏاڻو ڪري ويا ۽ انهن جي گهرڀاتين جدا جدا انشورنس ڪليم جمع ڪرايا ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريش?? آف پاڪستان مرحوم پاليسي هولڊرز پاران پاليسي وٺڻ وقت بيم??ري کي لڪائڻ جي بنياد تي ڪليمز رد ڪري ڇڏيا هئا جنهن تي پاليسي هولڊرز جي گهرڀاتين انصاف جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. شڪايت ڪندڙن چيو ته مرحوم ماڻهن کي انشورنس جي پاليسي وٺڻ وقت ڪا بيم??ري نه هئي ۽ انشورنس ڪليمز کي غيرمنصفاڻي طريقي سان رد ڪيو ويو آهي. ان تي وفاقي محتسب ڪيسز جي جاچ ڪئي ۽ چيو ته پاليسي وٺڻ کان اڳ پاليسي هولڊرز جو ڪنهن بيم??ري ۾ مبتلا ٿيڻ يا ڪنهن بيم??ري کي لڪائڻ ۽ انشورنس ڪمپني کان حقيقتون لڪائڻ جا ڪي ثبوت فراهم ڪرڻ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريش?? آف پاڪستان جي ذميو??ري آهي. وفاقي محتسب وڌيڪ چيو ته انشورنس مختلف ڪيسز ۾ اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن پنهنجي دعويٰ جي ثبوت ۾ ڪي شاهديون يا طبي سرٽيفڪيٽ فراهم نه ڪري سگهي. وڌيڪ چيو ويو ته حقيقت ۾ اسٽيٽ لائيف جي چئني فيلڊ آفيسرن واضح طور تي لکيو ته مرحوم پاليسي وٺڻ وقت صحتمند هئا. وڌيڪ اهو ته وفاقي محتسب اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريش?? آف پاڪستان کي حڪم ڏنو ته اها معاهدي جون پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي شڪايت ڪندڙن کي پورا پاليسي ڪليمز ادا ڪري. ان کانسواءِ وفاقي محتسب اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريش?? آف پاڪستان کي اها به هدايت ڪئي ته اها ميڊيڪل ۽ نان ميڊيڪل پاليسيز ج??ري ڪرڻ جي پنهنجي طريقيڪار جو پڻ جائزو وٺي ته جيئن سٺي صحت يا بيم??ري وغيره جي حوالي سان شڪ کي پاليسي جي پرپوزل جي موقعي تي ئي جانچي سگهجي. بعد ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريش?? آف پاڪستان وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سامهون جدا جدا پٽ??شنز پيش ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي کي انشورنس آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 80 تحت بحال رکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاليسي ۾ پيش ڪيل شاهديون يا ميڊيڪل آفيسرز جي رپورٽ کي ٻن سالن کانپوءِ غلط يا نامڪمل نه سمجهيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريش?? آف پاڪستان پاران پيش ڪيل دستاويز مرحومن جي انشورنس حاصل ڪرڻ کانپوءِ جي بيم??ري بابت آهن ۽ اهڙي طرح جا ڪي دستاويز فراهم نه ڪيا ويا جنهن مان ثابت ٿئي ته پاليسي حاصل ڪرڻ وقت هو ڪنهن بيم??ري جو شڪار هئا. صدر لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ عدالت ذهني دٻاءُ، شگر جي مختلف قسمن جي بنياد تي انشورنس ڪليمز کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. عدالت پنهنجي آرڊر ۾ چيو ته عوام جي اڪثريت اهڙي قسم جي بيمارين ۾ مبتلا آهي جڏهن ته ٻيا ماڻهو به انتهائي محتاط رويو اختيار ڪن ٿا ته جيئن بيمارين کان بچي سگهجي. هاءِ ڪورٽ چيو هو ته اهڙي قسم جي ڪنهن بيم??ري کي لڪائڻ فراڊ قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته ڪيسز جي حقيقتن جي روشني ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريش?? آف پاڪستان جي پيش ڪيل پٽ??شنز رد ڪيون وڃن ٿيون ۽ حڪم ڏنو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريش?? آف پاڪستان 30 ڏينهن جي اندر وفاقي محتسب جي فيصلي تي عملدرآمد ڪري رپورٽ جمع ڪرائي.