اسلام آباد / پشاور – 05 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊاڪٽر انساني همدردي جي جذبي تحت ماڻهن جي خدمت ڪن، بيمارين کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري سگهجي ??و، خيبرپختونخواهه جي ??يڊيڪل شاگردن سڄي ملڪ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي، جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري بيمارين سان موت جي شرح گهٽ ڪري سگهجي ??ي، صحت انص??ف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان ۽ خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي جي ??ائيس چانسلر پروفيسر ضياءَ الحق شرڪت ڪئي. هن چيو ته 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي ۾ انساني سرمايو ۽ وسيلا پاڪستان کان ٻاهر و??ا، پاڪستان کي تعليم يافته ماڻهن جي ضرورت آهي، هنرمند ۽ تعليم يافته انساني وسيلا ملڪ جي اندر ئي استعمال ٿيڻ گهرجن، پاڪستان کي ٽيلي ايجوڪيشن جي سخت ضرورت آهي. صدر چيو ته ٽيلي ايجوڪيشن کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، ڪورونا وائرس جي ??با دوران ٽيلي ايجوڪيشن جي اهميت وڌيڪ اڀري سامهون آئي، تعليم ۽ علم جو وسيع ذخيرو آن لائين پليٽ فارمز تي موجود آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري سگهجي ??و، ملڪي صحت جون ضرورتون وڌي رهيون آهن، اينٽي بائيوٽڪس جو غيرضروري استعمال وڌي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ميڊيڪل شعبي سان واڳيل ماڻهو اخلاقيات ۽ انساني قدرن ??ي سدائين نظر ۾ رکن، غذائيت جي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري تي ضابطو آڻڻ جي ??اءِ قدمن جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت سان ميڊيڪل سائنس ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي رهيون آهن. صدر چيو ته پاڪستان کي نرسز ۽ پيراميڊيڪس جي سخت ضرورت آهي، ٽيلي ميڊيسن سان مشوري ۽ علاج جي سهولت وڌيڪ آبادي تائين پهچائي سگهجي ??و، جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري بيمارين سان موت جي شرح گهٽ ڪري سگهجي ??ي، غريب ماڻهو ٽيلي ميڊيسن سان علاج ۽ ڊاڪٽر کان مشورو حاصل ڪري سگهي ٿو، حاصل ڪيل علم کي پاڪستاني معاشري جي ضرورتن موجب ڪرڻ جي ضرورت آهي، جديد دور ۾ ترقي جي ??اءِ هر شعبي ۾ روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته علاج مهانگو ٿيڻ سان ماڻهو اسپتال وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، صحت انص??ف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي آهي. ان کان اڳ صدر خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ نئين اڪيڊمڪ بلاڪ جو افتتاح پڻ ڪيو.