اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سعود?? عرب جي قيادت کي سعود?? عرب جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام پارليامينٽ ۽ حڪومت سعود?? عرب جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي، قومي ڏينهن ڪنهن به ملڪ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ هوندو آهي، پاڪستان ۽ سعود?? عرب جا ٻطرفا لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن، پاڪستان ۽ سعود?? عرب جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته گڏيل مذهبي، ثقافتي ۽ معاشرتي هڪجهڙائي پاڪستان ۽ سعود?? عرب کي هڪٻئي جي و??جهو رکيو آهي. پاڪستان ۽ سعود?? عرب ترقي ۽ خوشحالي جو گڏيل وي??ن رکن ٿا ۽ ٻطرفي تعاون کي نئين بلندين تي و??ي وڃڻ جا خواهشمند آهن. سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سعود?? عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ دعاڳو آهيان. اعليٰ سطح تي و??د جي مٽاسٽا سان پاڪستان ۽ سعود?? عرب جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، سينيٽ جي چيئرمين سعود?? عرب جي بادشاهه ۽ ولي عهد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي عوام سعود?? عرب جي ڀائرن جي خوشين ۾ شريڪ آهي. پاڪستان ۽ سعود?? عرب جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي کانسواءِ امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل بصيرت، ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏئي ٿي.