اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسان کي افغانستان جي موجوده صورتحال تي انسا??ي همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوامي مفاد لاءِ جتي به ضرورت پئي ته قانونسازي ڪنداسين، هو موسمياتي تبديلي ??ابت ڪميٽي جي اهتمام ه??ٺ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پارليامينٽ جو ڪم صحيح معنيٰ ۾ عوام جي ئي نمائندگي ڪرڻ آهي، عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ جتي به ضرورت پئي قانونسازي ڪنداسين، هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ماهرن سان گڏ??ي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان زراعت جي ڪميٽي ۾ آبادگارن، سائنسدانن ۽ ماهرن سان گڏ??ي ڪم ڪري رهيا آهيون، موجوده اسيمبلي ??هم قانونسازي ڪئي آهي، هن وقت تائين 94 بل منظور ٿي چڪا آهن ۽ 200 کان وڌيڪ بل ڪميٽين ۾ غور هيٺ آهن، اهڙي طرح نجي ميمبرن جا 16 بل به منظور ٿي چڪا آهن، قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر چيو ته موجوده پارليامينٽ محروم طبقي جي حوالي ??ان قدم کنيا آهن، خصوصي ماڻهن جي حوالي ??ان به قانونسازي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اسان کي افغانستان جي صورتحال تي انسا??ي همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. افغانستان جي ماڻهن کي خوراڪ جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. افغانستان جي صورتحال تي پارليامينٽ جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته خيبرپختونخوا صوبي جي قبائلي ??لعن (اڳوڻي فاٽا) جي حوالي ??ان جيڪي واعدا ڪيا آهن انهن تي عملدرآمد جي حوالي ??ان پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.