اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف باقي ڪجهه نه پڙهي، اخبار ئي پڙهي وٺ??دو ڪري، جڏهن ڪو قانون ٺهيو ئي نه آهي ته ختم ڪيئن ٿيندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته شهباز شريف جي قابليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي وٺو ته موصوف چئي رهيو آهي ته اسان قانون جي خاتمي تا??ين ڪئمپ ۾ ويهنداسين، خدا جي ل??ءِ باقي ڪجهه نه پڙهو اخبار ئي پڙهي وٺندا ڪريو اڃا تا??ين ڪو قانون ٺهيو ئي نه آهي ته ختم ڪيئن ٿيندو. ڪهڙا ڪهڙا تحفا هن ملڪ ۾ ليڊر آهن.