اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته ڪنٽونمنٽ چونڊن ۾ عوام وز??راعظم عمران خان تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ سيٽن سان سر فهرست رهي، پي ٽي آءِ و??حد قومي پارٽي جي طور تي اڀري سامهون آئي جنهن سمورن صوبن ۾ نمائندگي حاصل ڪئي آهي. سومر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي سڪڙجي علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آهن، بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ن) ه?? به سيٽ نه کٽي سگهي. سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) جو پنجون نمبر رهيو، پيپلزپارٽي پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ه?? به سيٽ حاصل نه ڪري سگهي.