اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري ??اص معاون ۽ ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل مراد علي شاهه جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت وٽ هر نااهلي جو ج??از وفاق تي چڙهائي آهي، گذريل 13 سالن کان سنڌ تي مڙهيل پارٽي سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتن تائين فراهم نه ڪري ??گهي. ڊاڪٽر شهباز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پن??اب ۾ ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي عوام اڄ به ??يسڪيو سروس کان محروم آهي، سنڌ ۾ اڄ به ??ڳو ڀٽو زندهه آهي عوام نه. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته سنڌ سرڪار هر شيءَ جي ذميواري وفاق تي وجهي ذميواري کان آجي نه ٿي سگهندي، پيپلزپارٽي جي ڪاغذي ڪارڪردگي جي ڪري ??ڄ سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي تائين ميسر نه آهي، ٿر ۾ ماڻهو بک سان مري ??هيا آهن، اندرون سنڌ علاج جي ڪا سهولت ميسر نه آهي.