اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ خداداد پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سا?? پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، موجوده حڪومت تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ خيبرپختونخوا پهريون صوبو آهي جتي 100 سيڪڙو آبادي کي هيلٿ انشورنس جي سهولت فراهم ڪ??ي وئي آهي. هن اها ڳالهه باچاخان ميڊيڪل ڪا??پل??ڪس صوابي ۾ ڊائيلاسز سينٽر جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ جي موقعي تي چئي. هن چيو ته باچا خان ميڊيڪل ڪا??پل??ڪس صوابي صوبي جو 12 هون ايم ٽي آءِ اسپتال آهي، خيبرپختونخوا جو هر شهري 10 لک تائين بلڪل مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو، ٻين صوبن ۾ به صحت جي سهولت فراهم ڪ??ي پئي وڃي، هن چيو ته صوابي ۾ گردن جي مريضن کي سخت مشڪلاتون درپيش هيون، صوابي جا مريض هاڻي پنهنجي ضلعي ۾ ڊائيلاسز ڪرائي سگهن ٿا. اسپيڪر چيو ته باچا خان ميڊيڪل ڪا??پل??ڪس ۾ جلد وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته اسان سڀني لاءِ 14 آگسٽ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي، ملڪ خداداد پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سا?? پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، آزادي جي عظيم نعمت تي اسا?? پنهنجي رب جو جيترو ٿورو ادا ڪريون اهو گهٽ آهي.