اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي، پاڪستان سي پيڪ کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه دشمن عنصر ان مان خوش نه آهن پر اهي پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي ??في?? نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين گڏيل مفادن لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ چين حقيقي دوست آهن ۽ هر قسم جي حالتن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته پاڪستان چين جي قومي مفاد ۾ بنيادي معاملن ”ون چائنا پاليسي“ تائيوان، تبت، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي چين جي حمايت ??ري ٿو. صدر پاڪستان جي بنيادي قومي مفاد جي معاملن، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اين ا??س جي ۽ ايف اي ٽي ايف تي چين جي حمايت ??ي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان پاڪ –چين ا??تصادي لنگهه منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه دشمن عنصر سي پيڪ منصوبي مان خوش نه آهن، سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ره??ا آهن، پاڪ – چين ا??تصادي لنگهه جا مخالف عنصر ڪ??مياب نه ٿيندا. صدر داسو ۾ فوت ٿيندڙ چيني شهرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي حفاظت پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت لاءِ سمورا قدم کڻي ره?? آهي. چيني ??في?? نونگ رونگ چيو ته پاڪستان چين جو ويجهو دوست آهي، چين ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته چين جا تجربا پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ان موقعي تي چيني ??في?? صدر کي ٻڌايو ته چين پاڪستان کي هن هفتي ويڪسين جون 60 لک خوراڪ فراهم ڪندو، سال جي آخر تائين 10 ڪروڙ ويڪسين جون خوراڪ پاڪستان کي فراهم ڪيون وينديون.