اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ نوٽري پبلڪ جي نامزدگي جي حوالي سان پنهنجي فيص??ي تي عم??در??مد يقيني بڻائي، ان قدم سان ٻاهرين ملڪ دستاويزن جي تصديق ۽ مختيار نامو جاري ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صدر ان حوالي سان 5 سالن کان وڌيڪ عرصي کان هڪ معاملو حل نه ٿيڻ ۽ لاڳاپيل کاتن پاران موثر قدم نه کڻڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني شهري جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي صدر وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي ته 15 اپريل 2015ع تي ڪيل پنهنجي فيص??ي تي بنا دير قانون موجب عم??در??مد يقيني بڻائي، محمد نصر الله خان نالي شهري وفاقي محتسب جي فيص??ي تي عم??در??مد نه ٿيڻ جي ??لا?? صدر کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي. وفاقي محتسب 15 اپريل 2015ع تي پنهنجي فيصلي ۾ گهرو وزارت کي آمريڪا جي وڏن شهر?? ۾ ??وٽري پبلڪ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي جيڪي سمنڊ پار پاڪستانين جي دستاويزن جي تصديق ڪري سگهن. شڪايت ڪندڙ ان فيص??ي تي عم??در??مد جي سلسلي ۾ وفاقي محتسب کي اپيل ڪئي جنهن تي 18 جون 2015ع تي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ وفاقي محتسب پرڏيهي وزارت کي ٻن مهين?? ۾ ??ناسب حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن کي ضروري هدايتون جاري ڪرڻ ۽ ان حوالي سان عم??در??مد جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.