گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت ب??تس??ان ۾ سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن جنهن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ معيشت مستحڪم ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن گلگت ب??تس??ان جي دوري دوران گلگت ب??تس??ان جي وڏي وزير پاران سياحت جي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل ??دمن جي باري ۾ ڏنل بريفنگ جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن (ايس سي او) جي ڊائريڪٽر جنرل پاران به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ايس سي او جي انتظام هيٺ منصوبن جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ سي پيڪ خنجراب کان راولپنڊي آپٽڪ فائبر ڪيبل جو پهريون مرحلو، گلگت ب??تس??ان جي 39 جاين تي گهرن تائين آپٽڪ فائبر تار جي پهچ، ايس سي او جي سهڪار سان قراقرم يونيورسٽي ۾ انڪيوبيشن سينٽر جو قيام، مشهور ڪوه پيما مرحوم علي سد پاره جي ياد ۾ K – 2 بيس ڪيمپ تي جديد ٽرانسيور اسٽيشن جو قيام ۽ گلگت ب??تس??ان جي ڏورانهن علائقن ۾ رابطي لاءِ VSAT حب جو قيام شامل آهن. وزيراعظم آپٽڪ فائبر ڪيبل جي ٻي مرحلي ۽ هنزه ۾ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام جو سنگ بنياد به رکيو. وزيراعظم کي احساس پروگرام تحت گلگت ب??تس??ان ۾ جاري امدادي منصوبن ۽ مستقبل جي لاءِ منصوبابندي تي خاص مددگار ڊاڪٽ?? ثانيه نشتر بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت گلگت ب??تس??ان جي 3 ضلعن ۾ احساس نشو نما مرڪز قائم ٿي چڪا آهن، گلگت ب??تس??ان جي سمورن ضلعن ۾ احساس جي پرائمري تعليمي وظيفن سان گڏوگڏ ثانوي تعليمي وظيفن جو پروگرام به شروع ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خاص مددگار ڊاڪٽ?? ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس جي ثانوي تعليمي ۽ وظيفن جو آغاز هلندڙ سال جولاءِ کان ٿيندو، پهرين مرحلي ۾ احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ قد?? جو آغاز ملڪ جي سمورن صوبن جي 13 ضلعن ۾ ڪيو پيو وڃي، احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ تحت هر ڪفالت صارف کي بچت بئنڪ اڪائونٽ فراهم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم ان موقعي تي سڄي گلگت ب??تس??ان ۾ سياحت جي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل ??دمن جي باري ۾ بريف ڪيو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته گلگت ب??تس??ان ۾ سياحت جي فروغ جا ڀرپور موقعا موجود آهن جنهن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو مقامي معيشت مستحڪم ٿيندي.