اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) ايم ??يو ايم پاڪستان جي پارلياماني ليڊر خالد مقبول صديقي قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ته اسان کي هڪ مضبوط، ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ??ه وزيراعظم تي ايوان اعتماد جو اظهار ??يو آهي، توهان کي هن ايوان مان وقت سر اعتماد مليو ??هي. هاڻي توهان جي ذميواري آهي ته توهان قوم کي اعتم??د ۽ اعتبار ڏيو. توهان جي فيصلن ۾ اتحادين جي راءِ شامل هجڻ به ضروري آهي. اسان توهان تي اعتماد جو اظهار ??يو آهي، اسان رڳو وٺڻ وارا هٿ به نه آهيون اسان جو ڏيڻ وارو هٿ به آهي. پاڪستان ٺاهڻ جو به ڪو مقصد هو اسان چاهيون ٿا ته اهو مقصد توهان جي ه??ان پورو ٿئي.