اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سان حزب اس??ام?? افغانستان جي اڳواڻ گلبدين حڪمت يار اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغان امن عمل ۽ پاڪ افغان ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي س??ن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ع??ران خان گلبدين حڪمت يار جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفا تاريخي دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ افغانستان جي عوام سان ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ افغانستان سان ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي حوالي س??ن پاڪستان جي عزم کي ورجايو.